وزيراعظم جي عهدي لاءِ اتحادي پارٽين جي اميدوار شهباز شريف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب ۾ مقابلو ٿيندو، وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا، ڇنڊ ڇاڻ به اڄ ئي مڪمل ڪئي ويندي.
قومي اسيمبلي سڀاڻي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 11 وڳي ٿيندو.
وزارت عظميٰ جا اميدوار اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا، نامزدگي ڪاغذ 2 وڳي تائين قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي سگهبا.
اسپيڪر اياز صادق پاڻ 3 وڳي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ پاڻ ڪندو، اڄ ئي ڪاغذن جي منظوري جي صورت ۾ اميدوارن جو قطعي اعلان ڪيو ويندو.
وزيراعظم جي چونڊ قومي اسيمبلي جي قاعدي نمبر 32 کان 35 تحت ٿيندي، قومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر قومي اسيمبلي جي ڪنهن به مسلمان ميمبر کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ اميدوار نامزد ڪري سگهي ٿو.
وزيراعظم جي چونڊ ڊويزن ذريعي ٿيندي، اسپيڪر جي ساڄي پاسي لابي ۾ رکيل رجسٽر تي ميمبر حڪمران اتحاد جي اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
کاٻي پاسي جي لابي ۾ مخالف اميدوار جي حق ۾ ووٽ رجسٽر تي داخل ڪيا ويندا، قائد ايوان لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لازمي آهي.
336 جي ايوان ۾ 169 ووٽ حاصل ڪندڙ کي وزيراعظم قرار ڏنو ويندو، حڪمران اتحاد جو اميدوار شهباز شريف آهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار عمر ايوب خان آهي.
شهباز شريف کي 200 کان وڌيڪ ووٽ ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته عمر ايوب خاب کي 90 کان وڌيڪ ووٽ ملڻ جو امڪان آهي.
ووٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي موجودگي ۾ ڳڻپ ڪئي ويندي، ڳڻپ مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر نئين وزيراعظم جو اعلان ڪندو.