تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ شهباز شريف جو عمر ايوب سان مقابلو ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم جي عهدي لاءِ اتحادي پارٽين جي اميدوار شهباز شريف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب ۾ مقابلو ٿيندو، وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا، ڇنڊ ڇاڻ به اڄ ئي مڪمل ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي سڀاڻي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 11 وڳي ٿيندو. وزارت عظميٰ جا اميدوار اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا، نامزدگي ڪاغذ 2 وڳي تائين قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي سگهبا. اسپيڪر اياز صادق پاڻ 3 وڳي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ پاڻ ڪندو، اڄ ئي ڪاغذن جي منظوري جي صورت ۾ اميدوارن جو قطعي اعلان ڪيو ويندو. وزيراعظم جي چونڊ قومي اسيمبلي جي قاعدي نمبر 32 کان 35 تحت ٿيندي، قومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر قومي اسيمبلي جي ڪنهن به مسلمان ميمبر کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ اميدوار نامزد ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي چونڊ ڊويزن ذريعي ٿيندي، اسپيڪر جي ساڄي پاسي لابي ۾ رکيل رجسٽر تي ميمبر حڪمران اتحاد جي اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندا. کاٻي پاسي جي لابي ۾ مخالف اميدوار جي حق ۾ ووٽ رجسٽر تي داخل ڪيا ويندا، قائد ايوان لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لازمي آهي. 336 جي ايوان ۾ 169 ووٽ حاصل ڪندڙ کي وزيراعظم قرار ڏنو ويندو، حڪمران اتحاد جو اميدوار شهباز شريف آهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار عمر ايوب خان آهي. شهباز شريف کي 200 کان وڌيڪ ووٽ ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته عمر ايوب خاب کي 90 کان وڌيڪ ووٽ ملڻ جو امڪان آهي. ووٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي موجودگي ۾ ڳڻپ ڪئي ويندي، ڳڻپ مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر نئين وزيراعظم جو اعلان ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون