پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان ايئر فورس جو اهم ڪردار رهيو، ان حوالي سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هوائي فوج جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سيپٽمبر 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ هوائي فوج جي ڪارنامن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي.
سيپٽمبر 1965ع واري جنگ ۾ هوائي فوج جي شاهينن دشمن جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو.
هوائي فوج جي شاهينن پاڪ ڀارت جنگ ۾ 6 ۽ 7 سيپٽمبر تي ڀارتي هوائي فوج جا 50 کان وڌيڪ جهاز ڪيرائي جنگ جو پاسو بدلائي ڇڏيو هو.
هوائي فوج جي پائليٽن پنهنجي صلاحيتن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو.
ملڪ جي ننڍن وڏن ايئر بيسز تي 1965ع جي جنگ جي يادگارن جي نمائش ڪئي پئي وڃي.