- Advertisement -
هوائي فوج جي ڏهاڙي جي موقعي تي وطن مٿان پنهنجي جان قربان ڪري مثال قائم ڪندڙ پائليٽ نشان حيدر يافتا شهيد راشد منهاس کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جو خاص مهمان ايئر وائس مارشل عامر شهزاد هو. تقريب ۾ شهيد راشد منهاس جو ڀاءُ انجم منهاس به شرڪت ڪئي.
شهيد پائلٽ راشد منهاس جي قبر تي گل رکيا ويا ۽ پي اي ايف جي دستي سلامي ڏني.
هر سال 7 سيپمٻر تي هوائي فوج جو ڏهاڙو ملهائڻ 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ هوائي فوج جي ناقابل فراموش ڪردار جي ياد ڏياريندو آهي.
اهو تاريخي ڏينهن جڏهن پاڪ هوائي فوج جي شاهينن بهادري جا لازوال مثال قائم ڪندي پاڪ سرزمين جي حفاظت ڪئي هئي.
واضح رهي ته 20 آگسٽ 1971ع تي پائليٽ راشد منهاس تربيتي پرواز دوران پنهنجي جان ان وقت وطن مٿان قربان ڪئي جڏهن اهو پنهنجي تربيتي اڏام تي روانو ٿي رهيو هو ته اوچتو هن جي انسٽرڪٽر مطيع الرحمان جهاز ۾ سوار ٿي ويو ۽ جهاز جو رخ دشمن ملڪ ڀارت طرف موڙي ڇڏيو.
20سالن جي راشد منهاس پنهنجي بهادري ۽ جذبي سان وطن سان محبت جو ثبوت ٿيندي جهاز جو رخ دشمن ملڪ بدران پنهنجي ملڪ طرف موڙي ڇڏيو ۽ ايئن پنهنجي وطن جي حرمت تي جان قربان ڪري ڇڏيو.
راشد منهاس جي ان عظيم قرباني تي هن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز نشانِ حيدر سان نوازيو ويو ۽ سندس قرباني اڄ به هر پاڪستاني جي دل ۾ جُوش ۽ جذبي جي هڪ مثال بڻيل آهي.- Advertisement -
