سکر عدالت 11 سالن کانپوءِ شهيد خالد محمود سومري قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

- Advertisement -
سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 11 سالن کانپوءِ شهيد خالد محمود سومري قتل ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن ته فريادي ڌر طرفان جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ لاءِ هائيڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڇهن جوابدارن حنيف ڀٽو، سارنگ ٽوٽاڻي، الطاف جمالي، لطف جمالي، مشتاق مهر ۽ دريا جمالي کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت يارهن ورهين کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. ٻڌڻي دوران جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، وڪيل اظهر عباس سولنگي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. يارهن ورهين ۾ 458 کان وڌيڪ ڪيس جون ٻڌڻيون ٿيون، جڏهن ته 17 کان وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌا ويا. فريادي ڌر طرفان جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ لاءِ هائيڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فريادي ڌر جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت چيو ته جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿئي ٿو، هو جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ لاءِ هائيڪورٽ ويندا. يارهن سال اڳ سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد گلشن اقبال واري علائقي ۾ دهشتگردن مسجد اندر فائرنگ ڪري جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي قتل ڪيو هو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.5 ° C
11.5 °
11.5 °
44%
0.8m/s
100%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون