- Advertisement -
آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين کي وارننگ ڏيئي ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يورپي يونين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آمريڪا کان تيل ۽ گئس جي خريداري ڪري پنهنجو خسارو گهٽ ڪري نه ته ان کي هر پاسي کان ٽيرف کي منهن ڏيڻو پوندو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو آهي ته يورپي يونين کي ڪيترن ڏهاڪن کان آمريڪا سان واپاري سرپلس هلائڻ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
ٻئي پاسي يورپي يونين جي ترجمان چيو آهي ته هو ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهن ته توانائي شعبي ۽ پهريان کان سگهارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيئن بڻايو وڃي.
نئون چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهريان ئي چين، ڪئنيڊا ۽ ميڪسيڪو تي 25 سيڪڙو وڌيڪ ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.- Advertisement -
