سکر پوليس ٻه مهينا اڳ اغوا ٿيل ڊاڪٽر کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گدپور واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد ڊاڪٽر عبدالجبار چاچڙ کي بازياب ڪرايو آهي.
پوليس موجب، پنوعاقل واسي ڊاڪٽر عبدالجبار چاچڙ کي ڌاڙيلن ٻه مهينا اڳ اغوا ڪيو هو.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر عبدالجبار چاچڙ کي ڌاڙيل هڪ جڳهه کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڪارروائي ڪئي وئي.
پوليس موجب انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪري ڊاڪٽر جي بازيابي عمل آندي آهي.