سکر ۾ پوليس مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ناڪابندي دوران پوليس موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جوابدارن ناڪو ٽوڙي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پيڇو ڪرڻ بعد جاگير موڙ وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، سندن قبضي مان ٻه پسٽل، موٽرسائيڪل ۽ پيسن سان ڀريل ٿيلهو هٿ آيو.
مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، سندن لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، ڏوهارين جي ڏوهي رڪارڊ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.