سکر پوليس پاران ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي مارڻ ۽ ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.
تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار گل بهار جتوئي ۽ مسرور عرف ٻيڙو جتوئي مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي ڏوهاري چورين، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن سميت سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا.
ٻي پاسي ڪسٽم ناڪي وٽ هڪ ٻي مبينا مقابلي ۾ جوابدار شهزاد شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
هوڏانهن ميانداد لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ جوابدار علي شير ميراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.