تازه ترين

سکر پوليس پاران ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي مارڻ ۽ ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
سکر پوليس پاران ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي مارڻ ۽ ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي وئي. تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار گل بهار جتوئي ۽ مسرور عرف ٻيڙو جتوئي مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي ڏوهاري چورين، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن سميت سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا. ٻي پاسي ڪسٽم ناڪي وٽ هڪ ٻي مبينا مقابلي ۾ جوابدار شهزاد شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن ميانداد لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ جوابدار علي شير ميراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
11 %
4.4kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون