تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سکر ڊسٽرڪٽ بار پاران قتل ڪيس ۾ وڪيل نديم لاشاري کي نامزد ڪرڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

- Advertisement -
ڊسٽرڪٽ بار سکر طرفان هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل پيرسن جي قتل ڪيس ۾ نوجوان وڪيل نديم لاشاري کي جوابدار نامزد ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ملاڻو جو چوڻ هو ته وڪيل نديم لاشاري کي قتل ڪيس ۾ ناحق ڦاسايو پيو وڃي هو بيگناهه آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ فوتي تاج محمد لاشاري جي وارثن قانون جي شاگرد صدام لاشاري کي قتل ڪيو هو. هن جو چوڻ هو ته جوابدار طرفان شاگرد صدام لاشاري جي قتل ڪيس مان بچڻ لاءِ وڪيل نديم لاشاري جو قتل ڪيس ۾ نالو ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ايس ايس پي سکر واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڪيل نديم لاشاري جو نالو پيرسن تاج محمد لاشاري جي قتل ڪيس مان خارج ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. گذريل رات ايئرپورٽ ٿاڻي تي عورت مير زادي لاشاري جي فرياد تي قتل ٿي ويل مڙس تاج محمد لاشاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ 7 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. جوابدارن ۾ نوجوان وڪيل نديم لاشاري، آصف علي، عابد علي، عبدالحق، محمد اشرف، سليم ۽ لعل خان شامل آهن. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن سان خوني تڪرار هلندڙ آهي، زمين تي وڃي رهيا هئاسين ته نامزد جوابدارن حملو ڪري مڙس تاج محمد لاشاري کي قتل ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون