سکر ۾ بيدردي سان گوليون هڻي شهيد ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
سکر پوليس جي ترجمان موجب، صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سکر پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن بخش علي عرف بخشو مهر ۽ گولو بابر پٽ بخش علي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس ترجمان موجب، جوابدارن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ ورتو ويندو