نئين آدمشماريءَ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نئين آدمشماريءَ جي منظوريءَ وارو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدر عابد زبيري نين تڪبدين تي اليڪشن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي .

درخواست ۾ چيو ويوته 5 آگسٽ کي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جا وڏا وزير شريڪ هئا، فيصلن جي روشنيءَ ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.

داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويوته نگران وڏا وزير چونڊيل وڏن وزيرن جيان پنهنجا اختيار استعمال نه ٿا ڪري سگهن، نگران حڪومت جو ڪم آئين ۽قانون موجب اليڪشن ڪرائڻ آهي.

سپريم ڪورٽ بار جي درخواست ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عام چونڊن ۾ دير آئين خلاف آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نگران وڏا وزير 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا، اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ايڪٽ تحت ٻيهر تڪبدين جو عمل شروع نه ٿي ڪري سگهي. درخواست ۾ چيو ويو ته نئين آدمشماري جي منظوري جو مقصد اليڪشن ۾ دير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بيان ڏئي چڪو آهي ته نين تڪبدين ۾ چار مهينا لڳي ويندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
45%
3m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون