تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سڪيورٽي فورسز جو خضدار ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ پاڪ فوج 14 کان 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات انٽيليجنس اطلاعن تي ڪامياب آپريشن ڪندي ڀارت جي حمايتي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب اطلاع هئا ته ڀارت جا حمايتي دهشتگرد خضدار جي علائقي ۾ موجود آهن، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڀارتي حمايتي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا باروڊ ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن کانپوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن جو عمل جاري آهي ته جيئن ڪنهن به لڪيل دهشتگرد کي گرفتار يا ماري سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي ادارا ملڪ مان ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن ۽ دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ڪارروايون جاري رهنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
10 %
4.1kmh
52 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون