بلوچستان جي علائقي زوب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جو ميجر بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آرطرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي زوب جي علائقي سمبازا ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشن دوران 33 ورهين جو ميجر بابر خان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ميجر بابر خان دهشتگردي خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، سندس تعلق ميانوالي سان آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي.