تازه ترين

سڪيورٽي فورسز جو پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن، هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 جوان شهيد

سڪيورٽي فورسز  پشاور جي  علائقي حسن خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران  هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، چار جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر طرفان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي  پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هاءِ پروفائل دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ کي سخت ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا چار جوان به شهيد ٿي ويا.

شهادت ماڻيندڙن ۾ صوابي سان تعلق رکندڙ 34 ورهين جو سپاهي محمد ادريس، 34 ورهين جو ڪوٽاٽ واسي سپاهي بدام گل، 38 ورهين جو سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ سي ٽي ڊي ڪي پي جو اسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
54 %
1.5kmh
67 %
خميس
25 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون