سڪيورٽي فورسز مچ ۽ ڪولپور ڪمپليڪس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي 9 دهشتگرد ماري ڇڏيا

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز مچ ۽ ڪولپور ڪمپليڪس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي 9 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ 4 اهلڪار به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن آپگهاتي بمبارن سان گڏ مچ ۽ ڪولپور ۾ حملو ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن جو حملو ڪاميابي سان ناڪام بڻايو، آپريشن دوران  ٽن آپگهاتي بمبارن سميت 9 دهشتگرد ماريا ويا ۽ ٽي دهشتگرد زخمي به ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران ٻه بي گناهه شهري به شهيد ٿيا آهن. ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهي. آءِ  ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
54%
2.6m/s
2%
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
35 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون