- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز مچ ۽ ڪولپور ڪمپليڪس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي 9 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ 4 اهلڪار به شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن آپگهاتي بمبارن سان گڏ مچ ۽ ڪولپور ۾ حملو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن جو حملو ڪاميابي سان ناڪام بڻايو، آپريشن دوران ٽن آپگهاتي بمبارن سميت 9 دهشتگرد ماريا ويا ۽ ٽي دهشتگرد زخمي به ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران ٻه بي گناهه شهري به شهيد ٿيا آهن.
ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي.- Advertisement -
