تازه ترين

شام ۾ صدر بشار الاسد جو اقتدار خطري ۾ پئجي ويو، شامي باغين ڏکڻ اولهه شهر درعا تي به قبضو ڪري ورتو

- Advertisement -
شام ۾ صدر بشار الاسد جو اقتدار خطري ۾ پئجي ويو، شامي باغين ڏکڻ اولهه شهر درعا تي به قبضو ڪري ورتو. شامي باغين جي اڳواڻن پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ڏکڻ اولهه شهر درعا تي قبضي بعد شامي فوج شهر ڇڏي دمشق طرف رواني ٿي وئي، جڏهن ته شهر ۾ مقرر شامي سينيئر سڪيورٽي عملدارن ۽ فوجي آفيسرن کي محفوظ رستو ڏنو ويو آهي. انساني حقن جي هڪ ٽولي موجب، شامي باغي حلب ۽ حما شهرن تي قبضي بعد هاڻي حمص طرف وڌي رهيا آهن، باغين درعا شهر جي 90 سيڪڙو تي قبضو ڪري ورتو آهي. باغي ٽولي جي اڳواڻ چيو ته شامي فوجي بغاوت ڪن ٻي صورت ۾ پنهنجي انجام لاءِ تيار رهن. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب، ايران شام مان پنهنجي فوجي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
25 %
1kmh
14 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون