شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ پڄاڻيءَ تي پهچي ويو

spot_img
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ پڄاڻيءَ تي پهچي ويو، درگاهه جي قائم مقام سجاده نشين درگاهه تي پهچي غير سرڪاري رسمن جي پڄاڻيءَ جي دعا گهري ورتي. درگاهه ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران درگاهه تي پھچي غير سرڪاري رسمن جي پڄاڻي واري دعا گهري ورتي. سيد خاور حسين شاهه لطيفي درگاهه تي پھچي مريدن کي زيارت ڪرائي هال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي، خوشحاليءَ ۽ سنڌ ۾ امن امان سميت فلسطين جي آزادي لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي. جڏهن ته درگاهه جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي پاران آمريڪا مان ٽيلفون ذريعي خطاب ڪندي عالم انسانيت لاءِ دعا ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ مريدن عقيدتمندن ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن جا ميمبر ۽ عهديدار به موجود هئا. جڏهن ته درگاهه شاهه ڪريم جي سجاده نشين سميت ڀٽائي خاندان جي فردن به رسم ۾ شرڪت ڪئي. سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو ته ڀٽائي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي اسان کي سندن ڏسيل راهه تي هلڻ گهرجي. هن چيو ته ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ سان نفرتن ۽ بدامني جو خاتمو اچي سگهي ٿو .

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون