شاه زيب ايشين تائڪوانڊو چيمپيئن شپ جي تاريخ ۾ پاڪستان لاءِ پهريون چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو
ايشين تائڪوانڊو چيمپيئن شپ جي ڪيروگي ايونٽ ۾ 54 ڪيٽيگرين جي فائنل ۾ سعودي عرب جي حمدي رياد پاڪستان جي شاه زيب کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نانءِ ڪري ورتو
ويتنام ۾ ٿيل چيمپئن شپ فائنل جي پهرين رائونڊ ۾ شاه زيب سعودي سان تعلق رکندڙ پنهنجي مخالف خلاف هڪ ڏهائي سان ڪاميابي حاصل ڪئي، ٻئي رائونڊ ۾ ٻنهي رانديگرن ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ حمدي رياد 8 جي ڀيٽ ۾ 9 پوائنٽون حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي
ٽئين ۽ فيصلائتي رائونڊ ۾ ريفري جانبداري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان خلاف وڏو تڪراري فيصلو ڏنو،
حمدي رياد 3 جي ڀيٽ ۾ 7 پوائنٽن جي فرق سان گولڊ ميڊل کٽيو جڏهن ته شاه زيب چانديءَ جي ميڊل جو حقدار ٿيو
شاه زيب خان ايشين تائڪوانڊو چيمپئن شپ جي تاريخ ۾ پاڪستان لاءِ پهريون چانديءَ جو ميڊل کٽيو.
اڄ کيڏيل ٻين مقابلن ۾ 87 ڪيٽيگرين ۾ سعودي عرب جي جار يوصف پاڪستان جي ابو بڪر صديق خلاف 2_1 سان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته عورتن جي 73 ويٽ ۾ ڪوريا جي ميونگ مي نا پاڪستان جي مليحه کي 2_0 تي هارائي ڇڏيو