- Advertisement -
سنڌ حڪومت، نئين مالي سال ۾ سڄي صوبي لاءِ وڌيڪ بسون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمال دائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران نئين مالي سال ۾ سڄي صوبي لاءِ وڌيڪ بسون آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداريءَ جو ويزن آهي ته تعلقن کي ضلعي هيڊڪوارٽرن سان ملايو وڃي.
هن چيو ته تعلقن کي ضلعي هيڊڪوارٽرن سان ملائڻ لاءِ پيپلز بس سروس تحت اسڪيم آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايت تحت سکر کان لاڙڪاڻي ۽ سکر کان خيرپور تائين پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي.
اجلاس دوران حيدرآباد جي مک علائقن ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پارڪنگ پلازه تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ اَٺن بس ٽرمينلن جي اڏاوتي ڪم مڪمل ڪرڻ بابت به بريفنگ ڏني وئي ته ٽرمينل مڪمل ٿي چڪا آهن، جيڪي جون تائين فعال ٿي ويندا.- Advertisement -
