احتجاج ڪندڙ پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪن، روڊن تي احتجاج سان ناڪاري تاثر ويندو : عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته  احتجاج ڪندڙ پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪن، روڊن تي احتجاج سان ناڪاري تاثر ويندو، ملائيشيا کي چانور ۽ گوشت موڪلڻ ۾ اضافو ڪيو ويندو، ملائيشيا جي وزيراعظم جو  پاڪستان جو دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو آهي، عالمي اڳواڻن جي دورن سان ملڪي معيشيت ۾ بهتري ايندي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جي آمد سندن معيشيت لاءِ بهترين ثابت ٿي رهي آهي، ملائيشيا کي چانور ۽ گوشت موڪلڻ ۾ اضافو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ اي آءِ معاملن کي هٿي وٺرائي ويندي، شروعاتي طور هڪ لک ٽن چانور ۽ 200 ملين ڊالر جو گوشت ملائيشيا اماڻيو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پرڏيهي وفدن جو اچڻ ۽ واپاري کي هٿي وٺرائڻ جا اعلان ملڪ لاءِ بهتر ثابت ٿي رهيا آهن، سعودي وفد جي آمد جو جلد امڪان آهي، شنگهائي ڪانفرنس پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيڻ واري آهي جنهن ۾ 12 ملڪن جا سربراهه پاڪستان ايندا. هن چيو ته سندن حڪومت ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي، هن اضافي سان ٽيڪس اوڳاڙي وڌيڪ ٿيندي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ روزانو رڪارڊ ٺهي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پيٽروليم شين جا اگهه به گهٽ ٿيا آهن، شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، واپاري خسارو گهٽ ٿيو آهي. عطا تارڙ چيو ته سي پيڪ جي شروعات تي تحريڪ انصاف باني ڌرڻو هنيو هو، ايس سي او جي ميزباني پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهڙي موقعي تي احتجاج ڪرڻ ناڪاري پيغام آهي، کين ملڪ جو هاڪاري چهرو دنيا کي ڏيکارڻو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته  احتجاج ڪندڙ پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪن، روڊن تي احتجاج سان ناڪاري تاثر ويندو، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي مشورو آهي ته هو پشاور وڃي ۽ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽ ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28 ° C
28 °
28 °
36%
2.5m/s
1%
ڇنڇر
27 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون