اسرائيل پاران هوائي حملي ۾ حزب الله جي امڪاني سربراهه کي مارڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
اسرائيل بيروت ۾ هوائي حملي ۾ حزب الله جي امڪاني سربراهه هاشم صفي الدين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ اسرائيلي هوائي فوج بمباري ڪئي آهي، حملي جو نشانو حزب الله جو سينيئر اڳواڻ هاشم صفي الدين هو. اسرائيلي ميڊيا موجب، رات ڪيل حملو حسن نصر الله تي ڪيل حملي کان وڌيڪ وڏو هو، جنهن جو هدف امڪاني طور تي حزب الله جو سربراهه هاشم صفي الدين هو. حزب الله اڃا تائين اسرائيلي دعويٰ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي. قطري ٽي وي جو چوڻ آهي ته حملن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير ٿي ويون. حزب الله مارون الراس ڳوٺ ۾ چڪرين دوران 17 اسرائيلي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
30%
8.2m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون