- Advertisement -
سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عورتن جي لاءِ وڌيڪ پنج بسون شروع ڪيون پيون وڃن جيڪي بي آر ٽي جي مختلف روٽن تي نظر اينديون.
گرين لائن منصوبي واري هنڌ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پهرين بي آر ٽي ۾ عورتن جي لاءِ پنڪ بسون هلايون پيون وڃن ۽ بي آر ٽي گرين لائن ۾ به عورتن جي لاءِ الڳ اسپيس مخصوص ڪيو ويندو.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته نمائش کان سرجاڻي ٽائون تائين پنڪ بي آر ٽي سروس شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته ايڌي اورنج لائن بي آر ٽي ۾ به جلد پنڪ بسون هلايون وينديون.
اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي ڊبل ڊيڪر بسون به ڪراچي ۾ پهچي وينديون، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتو خاص صلاحيت رکندڙ ٻارن جي لاءِ بائيڪ تيار ڪري رهيو آهي جيڪي مفت فراهم ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪري رهي آهي ۽ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ وڌيڪ خوشخبريون جلد ملنديون.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هارين کي مفت ڀاڻ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان ڪڻڪ جي پوکي ۾ واڌ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته ايڪشن ڊولپمينٽ بينڪ سان گڏجي ڪجهه حل طلب معاملا موجود آهن انهن کي جلد اڪلايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن ۽ سياسي پارٽين کي اوپن بريفنگ ڏني ويندي آهي، معاشري جي هر طبقي ۽ فرد کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 21 لک ٻوڏ متاثر خاندانن جي گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن جي نالي ڪيا آهن.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات ڪئي جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو اهم مثال آهي.
اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ ڪي پي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کي درخواست ڪئي آهي ته اهي به پنهنجي صوبن ۾ پنڪ بس سروس شروع ڪن.
- Advertisement -
