- Advertisement -
شنگهائي سهڪار تنظام ڪانفرنس جي موقعي تي اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف جي منظوري بعد گهرو وزارت اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو.
نوٽيفڪيشن موجب ايس سي او ڪانفرنس دوران سڪيورٽي لاءِ اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪئي وئي آهي.
فوج جي مقرري آرٽيڪل 245 تحت ڪئي وئي آهي.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ 5 کان 17 آڪٽوبر تائين فوج مقرر رهندي، اسلام آباد جي سڪيورٽي جي ذميواري فوج حوالي هوندي، پوليس سميت ٻيا ادارا فوج جي مدد ڪندا.- Advertisement -
