- Advertisement -
جيڪب آباد وياجين جي ظلم کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ ليڪچرار جي قتل جو ڪيس بيواهه جي فرياد تي 3 سڃاتل 4 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ٻن وياجين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.
جيڪب آباد ۾ وياجين جي ظلم کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ ليڪچرار انور پنهيار واري واقعي جو ڪيس ايئرپورٽ ٿاڻي تي بيواهه مهرالنساءَ پنهيار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ ٽن سڃاتل محمد يونس چکڙو، لالا ظهور پٺاڻ ۽ فنڪار ممتاز عرف عدنان سنڌي کي نامزد ڪيو ويو ڪيس ۾ 4 اڻ سڃاتل جوابدارن جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن.
ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته سندس مڙس انور پنهيار ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ليڪچرار هو جنهن مٿين جوابدارن کان پئسا ورتا جيڪي واپس به ڪيا ويا تنهن باوجود وياج خور اڃان 10 لک گهري رهيا هئا پئسا نه ڏيڻ تي آفيس ۽ گهر ۾ داخل ٿي بدتميزي ۽ تذليل ڪندا هئا جنهن سبب مڙس تذليل ٿيڻ تي آپگهات ڪري زندگي جو انت آندو آهي.
پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس 302 قتل، 449 تذليل ڪرڻ سميت وياج آرڊيننس به شامل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي پوليس ٻن وياجين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس بااثر وياجين کان ڳري رشوت عيوض ڪيس کي لئه مٽي ڪرڻ ۾ رُڌل آهي.
ٻئي پاسي وياجين جي ظلم ۽ ليڪچرار جي موت واري واقعي کانپوءِ جي يو آءِ سرگرم ٿي ويو.
جي يو آءِ جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري وياجين خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
جي يو آءِ وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي ڪيپٽن ر صدام خاصخيلي سان ملاقات ڪري ليڪچرار کي تنگ ڪندڙ وياجين خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
ايس ايس پي پاران جي يو آءِ وفد کي يقين ڏياريو ويو ته وياجين خلاف ڪارروائي تيز ڪيو ويندو وياجي ڪيڏو به بااثر هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندو ويندو.
هوڏانهن ايس ايس پي جيڪب آباد جي ترجمان موجب ته ايس ايس پي ضلعي جي سڀني ايس ايڇ اوز کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته وياجين جو جاچ ڪري وياج بابت حڪومت جي آرڊيننس تي عمل ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي وياجي ڪيترا به بااثر ڇو هجن کين بخش نه ڪيو وڃي.- Advertisement -
