- Advertisement -
شهدادپور پوليس جي تحويل ۾ فوت ٿي ويل استاد عزيز جکرو قتل ڪيس جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ مٿس تشدد جي تصديق ٿي وئي آهي.
پوليس تحويل ۾ فوت ٿيل استاد عزيز جکرو جي فائيل پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي.
پوسٽ مارٽم ۾ ڊاڪٽر ڄاڻايو آهي ته استاد عزيز جکرو جي جسم جي مختلف هنڌن تي تشدد جا نشان ظاهر آهن.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته استاد عزيز جکرو جي ڄنگهن ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا نشان ظاهر آهن.
ڏيڍ مهينو اڳ پوليس تحويل ۾ فوت ٿي ويل استاد عزيز جکرو جو قتل ڪيس اڳوڻي ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي سميت 9 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي داخل آهي.- Advertisement -
