تازه ترين

شهدادپور ۾ گهر مان گرفتار ڪيل هيڊ ماستر جو اسپتال مان لاش هٿ آيو، وارثن طرفان پوليس تي تشدد ڪري قتل جو الزام

- Advertisement -
شهدادپور ۾ گهر مان گرفتار ڪيل هيڊ ماستر جو اسپتال مان لاش هٿ آيو، فوتي هيڊماستر ڄام عزيز جکرو جي وارثن طرفان پوليس تي تشدد ڪري قتل جو الزام لڳايو ويو. بخاري پاڙي واسي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پير شاھنواز جي ھيڊ ماستر ڄام عزيز جکرو جو لاوارث حالت ۾ لاش شھدادپور جي سمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ مان مليو. وارثن اسپتال پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي. فوتي هيڊ ماسترن جي وارثن اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي ڄام عزيز جکرو جي وارثن طرفان پوليس تي تشدد ڪري قتل جو الزام لڳايو. سندن چوڻ آهي ته عزيز جکرو کي پوليس شام جو پنجين وڳي گھران کڻي وئي هئي، پوليس بيگناهه سرڪاري آفيسر کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هنن گهر ڪئي آھي ته پوليس هٿان بيگناهه قتل ٿيل پرائمري استاد جي قتل جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.1 ° C
9.1 °
9.1 °
17 %
2.2kmh
0 %
اڱارو
9 °
اربع
18 °
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون