شڪارپور ڀرسان چانھه ۾ ڪِرڙي ڪرڻ سبب 16 عورتن جي طبيعت خراب ٿي ويئي

- Advertisement -
شڪارپور ڀرسان چانھه ۾ ڪِرڙي ڪرڻ سبب 16 عورتن جي طبيعت خراب ٿي ويئي. ڳوٺ ٻورڙي ۾ فوتگي تي تڏي تي آيل عورتن ۽ گهرڀاتين جي چانهه پيئڻ کانپوءِ طبيعت خراب ٿي وئي. عورتن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آهي. اسپتال منتقل ڪيل عورتن ۾ حاجران، صبا، شاھينا، زاھدا، شاھده، مومل، ريما ۽ ٻيون عورتون شامل آهن، جڏهن ته آمنا، ياسمين، گلزار، قزبانو، غلام سڪينا، سڪينا، ريشما، انيلا سيٺار کي پڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. عورتن جي وارث عبدالرسول سيٺار جو چوڻ آهي ته چانهه ۾ ڪِرڙي ڪري پئي، لاعلمي ۾ عورتن اُها چانهه پيتي، جنهن ڪري سندن طبيعت بگڙجندي وئي. هن چيو ته هو عورتن کي کڻائي اسپتال پھتا آھن پر اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو موجود ناهي، عورتن کي الٽيون ۽ پيٽ ۾ سور آهي، سندن طبيعت خراب آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
22%
1.8m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون