تازه ترين

شهدادڪوٽ ۾ جمالي برادري جي ماڻهن اي سيڪشن پوليس ۽ بااثر خلاف ڌرڻو

شهدادڪوٽ ۾ جمالي برادري جي ماڻهن اي سيڪشن پوليس ۽ بااثر خلاف ڌرڻو هنيو.

هاشم جمالي، اعظم جمالي، عارف جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکپت روڊ تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته اي سيڪشن پوليس بااثر جگديش ڪمار کان رشوت وٺي دڪان تي قبضو ڪرائڻ چاهي ٿي.

هنن چيو ته دڪان تي قبضي لاءِ جگديش ڪمار عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايا هئا پر عدالت فيصلو سندن حق ۾ ڏنو.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي قمبر-شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثر جڳديش ڪمار خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون