تازه ترين

ڪوٽڙي ويجهو نوجوان چاهيندڙ ناري کي گولي هڻڻ بعد پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪوٽڙي ۾ نوجوان ناريءَ کي گولي هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

 ڳوٺ گل محمد بروهي ۾ نوجوان آصف بروهي ناري گوري ڪولهڻ کي گولي هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل ناري ۽ نوجوان جو لاش کڻائي ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

نوجوان آصف جي ڀاءُ سڪندر بروهي ٻڌايو ته هو واقعي واقعي واري هنڌ پهتا ته ناري ۽ نوجوان ٻئي زمين تي پيل هئا ۽ کين گوليون لڳل هيون.

پوليس موجب، ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سندس حيدرآباد اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
41 %
3.5kmh
31 %
خميس
27 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون