شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان روڊن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

spot_img
- Advertisement -

شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان روڊن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

امداد سومري، زاهد مگسي، داد محمد کنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2008 کان هن وقت تائين بگو روڊ سميت ٻين روڊن جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو.

هنن الزام هڻندي چيو ته روڊس کاتي جي انجنيئر، ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪاغذن ۾ روڊ تعمير ٿيل ڏيکاري رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ انجنيئر ۽ ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪري مبينا ڪرپشن واري رقم واپس ڪرائي روڊن جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
11.9 ° C
11.9 °
11.9 °
23%
1.1m/s
0%
خميس
14 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون