اڳوڻي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجي چيو آهي ته شهرن جي خوبصورتي ۽ ترقي ۾ مک ڪردار تفريحي پارڪن جو هجي ٿو، گهوٽڪي جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو پارڪ کي به مثالي پارڪ بڻائي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي بهترين تفريح جو موقعو فراهم ڪيو ويندو.
اڳوڻي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو شهر جي رحمون واري علائقي ۾ ٺاهيل خوبصورت شهيد راڻي بينظير ڀٽو پارڪ جو دورو ڪري پارڪ ۾ لڳايل لائيٽنگ، ڦوهارن، جهولن، واڪنگ ٽريڪ، وڻڪاري ۽ ٻين شين جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او قمرالزمان انڍهڙ، فوڪل پرسن سڪندر لاکو ۽ ٻين پارڪ جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته رحمون واري پارڪ گهوٽڪي جي عوام لاءِ وڏو تحفو آهي، سڄي دنيا ۾ ڪنهن به شهر جي ترقي ۽ خوبصورتي جو دارومدار پارڪن تي هوندو آهي.
هن چيو ته گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ گهوٽڪي واسين کي تفريح، واڪ ۽ راند لاءِ فيملي پارڪ ڏنو ويو آهي جنهن کي اڃا به خوبصورت بڻايو ويندو،ميونسپل چيئرمين ڄام آصف ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن سان پارڪ کي ٺاهيو ويو آهي.
اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته سڄي سنڌ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم گهوٽڪي ميونسپل ڪرايا آهن، هو گهوٽڪي يا پنوعاقل مان جتان به چونڊيو آهي ته ذاتي ڪوشش رهي آهي ته ڳالهين بدران عملي طرح ڪم ڪجي.
گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو ته ميونسپل ڪميٽي پاران نومبر راندين جو مهينو ڪري ملهايو ويندو جنهن دوران ثقافتي رانديون ملاکڙو ۽ ٻيا اسپورٽس ايونٽ ڪري گهوٽڪي جي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪئي ويندي.
هن چيو ته رحمون واري پارڪ کي خوبصورت بڻائڻ جي دلي خواهش هئي، ٻارڙن کي خوش ڏسي دلي خوشي ٿي آهي.
گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته رحمون واري پارڪ کانپوء پبلڪ پارڪ ۽ انور آباد پارڪ کي به بهتر ۽ خوبصورت بڻايو ويندو.
ڄام آصف رزاق چيو ته اڳوڻن چونڊيل نمائندن تفريحي پارڪن کي ٺاهڻ بدران اجاڙيو ۽ سرڪاري فنڊ پارڪن ۽ شهر تي خرچ ڪرڻ بدران رڳو ڪرپشن ڪئي.
ان کان اڳ ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ڄام آصف رزاق ڌاريجو رحمون واري پارڪ پهچڻ تي سوين ماڻهن ڀرپور آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا لڳايا