تازه ترين

شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن تي  ضابطو آندو ويو: مقبول باقر

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن تي  ضابطو آندو ويو

امام حسين  عليه السلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي جي جلوس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هو قانون جي حڪمراني قائم ڪري رهيا آهن، ڏوهن تي ضابطي لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

نگران وڏي وزير چيو ته ڪجهه مغوين کانسواءِ سمورا بازياب ڪرايا ويا آهن، رهيلن کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هنن پوليس کي واضح پيغام ڏنو آهي ته شهرين جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

نگران وڏي وزير چيو ته گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن، جن مان هاڪاري نتيجا  سامهون ايندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته حڪومت معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

نگران وڏي وزير  جلوس کان اڳ نشتر پارڪ ۾ مجلس ۾ به شرڪت ڪئي.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو به دورو ڪيو، جتي هن سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

وڏي وزير ايم اي جناح روڊ، سي بريز ۾  چاليهي جي جلوس جي پڄاڻيءَ تي به شرڪت ڪئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
12 %
2.3kmh
0 %
آچر
18 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون