تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

شهيدن جي توهين واري مهم ناقابل برداشت آهي: عطاءُ الله تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته شهيدن جي توهين واري مهم ناقابل برداشت آهي، هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهن، شهيدن جي قربانين جي توهين ڪئي پئي وڃي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته هڪ سياسي پارٽي شهيدن جي توهين واري مهم هلائي رهي آهي، شهيدن جي توهين واري مهم برداشت جوڳي ناهي، جيڪڏهن ملڪ آهي ته سياست آهي.

سندس چوڻ هو ته سياسي مفادن خاطر پاڪستان مخالف مهم مذمت جوڳو عمل آهي، مهم ۾ ملوث وڳوڙي عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪندو، معيشيت بابت وزيراعظم روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪندو آهي.

هن چيو ته معيشيت کي پيش ايندڙ مسئلا تڪڙا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اولين ترجيح آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي ميگزين ناڻي واري وزير جي مقرري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم معاهدي جي ڳالهه ڪئي آهي.

عطاءُ الله تارڙ چيو ته سياستي تنقيد ڪريو پر ريڊ لائين ڪراس نه ٿيڻ گهرجي، کين قومي مسئلن تي متحد ٿيڻ گهرجي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ماڻهن جي زندگي کي آسان بڻائڻ سندن مشن آهي، ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ نه ڏيندا، احتجاج ڪرڻو آهي ته پاڪستان ۾ اچي ڪريو، آءِ ايم ايف جي عمارت آڏو احتجاج ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي؟ هو چاهن ٿا اتفاق ۽ سلوڪ سان ملڪ کي اڳتي وٺي هلن

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
broken clouds
14.1 ° C
14.1 °
14.1 °
39 %
3.4kmh
67 %
ڇنڇر
14 °
آچر
18 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °

تازه ترين خبرون