تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهيدن جي توهين واري مهم ناقابل برداشت آهي: عطاءُ الله تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته شهيدن جي توهين واري مهم ناقابل برداشت آهي، هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهن، شهيدن جي قربانين جي توهين ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته هڪ سياسي پارٽي شهيدن جي توهين واري مهم هلائي رهي آهي، شهيدن جي توهين واري مهم برداشت جوڳي ناهي، جيڪڏهن ملڪ آهي ته سياست آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي مفادن خاطر پاڪستان مخالف مهم مذمت جوڳو عمل آهي، مهم ۾ ملوث وڳوڙي عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪندو، معيشيت بابت وزيراعظم روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪندو آهي. هن چيو ته معيشيت کي پيش ايندڙ مسئلا تڪڙا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اولين ترجيح آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي ميگزين ناڻي واري وزير جي مقرري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم معاهدي جي ڳالهه ڪئي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سياستي تنقيد ڪريو پر ريڊ لائين ڪراس نه ٿيڻ گهرجي، کين قومي مسئلن تي متحد ٿيڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ماڻهن جي زندگي کي آسان بڻائڻ سندن مشن آهي، ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ نه ڏيندا، احتجاج ڪرڻو آهي ته پاڪستان ۾ اچي ڪريو، آءِ ايم ايف جي عمارت آڏو احتجاج ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي؟ هو چاهن ٿا اتفاق ۽ سلوڪ سان ملڪ کي اڳتي وٺي هلن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون