تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي قوت ۽ مضبوط پارليمنٽ ڏنو: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي قوت ۽ مضبوط پارليمنٽ ڏنو، اڄ ڪير به پاڪستان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، ملڪ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ غريب گهراڻن جا چولها ٻري سگهندا. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه عبدالله مال قاسم آباد ۾ سنڌ پريميم پراپرٽي بلڊنگ مٽيريل ۽ هوم ڊيڪور نمائش جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنسٽرڪشن جي شعبي کي حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار مهيا ڪيو ويندو، هو چاهين ٿا ته واپار کي هٿي ملي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو 21 لک گهرن جي اڏاوت جو منصوبو سنڌ سرڪار ڊونرز سان گڏجي بڻائي رهي آهي هر خاص ۽ عام جي خواهش هوندي آهي ته سندن پنهنجو گهر هجي، هو سڀ گڏجي عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي، جنهن  ملڪ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي، پيپلزپارٽي  هر ڏکئي وقت ۾ عوام سان ساٿ نڀايو آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي قوت ۽ مضبوط پارليمنٽ ڏنو، اڄ ڪير به پاڪستان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري 18 هين ترميم، بلوچستان کي حق  ۽ ڪي پي ڪي کي نالو ڏنو، قومي ليڊر عوام جي محرومين کي سمجهن ٿا ۽ انهن جو خاتمو آڻيندا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ ويهي ڪري ڪشمير جي حق جي ڳالهه ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام ٿيڻ گهرجن، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري سگهجي ٿو. تقريب جي آخر ۾ صوبائي وزيرن نمائش جي مختلف اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون