تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي قوت ۽ مضبوط پارليمنٽ ڏنو: شرجيل انعام ميمڻ

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي قوت ۽ مضبوط پارليمنٽ ڏنو، اڄ ڪير به پاڪستان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، ملڪ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ غريب گهراڻن جا چولها ٻري سگهندا.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه عبدالله مال قاسم آباد ۾ سنڌ پريميم پراپرٽي بلڊنگ مٽيريل ۽ هوم ڊيڪور نمائش جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنسٽرڪشن جي شعبي کي حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار مهيا ڪيو ويندو، هو چاهين ٿا ته واپار کي هٿي ملي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو 21 لک گهرن جي اڏاوت جو منصوبو سنڌ سرڪار ڊونرز سان گڏجي بڻائي رهي آهي هر خاص ۽ عام جي خواهش هوندي آهي ته سندن پنهنجو گهر هجي، هو سڀ گڏجي عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي، جنهن  ملڪ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي، پيپلزپارٽي  هر ڏکئي وقت ۾ عوام سان ساٿ نڀايو آهي.

هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي قوت ۽ مضبوط پارليمنٽ ڏنو، اڄ ڪير به پاڪستان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري 18 هين ترميم، بلوچستان کي حق  ۽ ڪي پي ڪي کي نالو ڏنو، قومي ليڊر عوام جي محرومين کي سمجهن ٿا ۽ انهن جو خاتمو آڻيندا آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ ويهي ڪري ڪشمير جي حق جي ڳالهه ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام ٿيڻ گهرجن، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري سگهجي ٿو.

تقريب جي آخر ۾ صوبائي وزيرن نمائش جي مختلف اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون