تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آهي، ان لاءِ ڳالهيون نه ته لٺ جو استعمال به ڪرڻو پوندو; پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آهي، ان لاءِ ڳالهيون نه ته لٺ جو استعمال به ڪرڻو پوندو، سياسي استحڪام سان ئي معاشي  مضبوطي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ممڪن آهي،  دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ نئين ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، جيڪو اسلام آباد ۾ ٿيو اهو سياسي دائري کان ٻاهر هو، پ پ ڪنهن به پارٽيءَ تي پابندي لڳائڻ يا گورنر راڄ لڳائڻ جي حق ۾ ناهي. پيپلزپارٽيءَ جي 57هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ علائقن کي هو مخاطب  آهي. هن چيو ته هو ملڪ ۾ امن امان ۽ دهشتگردي جو خاتمو چاهن ٿا، پ پ ملڪ ۾ استحڪام ۽ معاشي ترقي چاهي ٿي، هو چاهن ٿا ته سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، هن وقت ڪجهه سياسي پارٽيون پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم نه پيون ڪن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين جي هڪ ئي دلچسپي آهي ته پنهنجي ليڊر کي جيل کان ٻاهر ڪڍرائن، اپوزيشن هن وقت نه جمهوري نه ئي سياسي آهي، 9 مئي واقعا سياسي دائري ۾ ناهي، اسلام آباد ۾ پيش آيل واقعو به سياسي دائري ۾ نٿو اچي. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ وٽ ملڪ جي سمورن مسئلو جو حل آهي، هو هاڪاري سياست تي يقين رکن ٿا، سندن موقف رهيو آهي ته سياسي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي استحڪام ملڪ لاءِ ضروري آهي، ان لاءِ ڳالهيون نه ته لٺ جو استعمال به ڪرڻو پوندو، سياسي استحڪام سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ سمورين پارٽين کي گڏجي سياسي استحڪام قائم ڪرڻو پوندو، ڳالهين جي راهه ۾ مخالف ڌر وڏي رنڊڪ آهي، هو سياسي پارٽين نه پر اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ چاهن ٿا. هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ ڪي پي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت ڪو به رابطو ناهي ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير امن قائم ڪرڻ بدران گوليون هلائڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿو، اهڙي ڌمڪي ڪهڙي قسم جي سياست آهي؟ پ پ چيئرمين چيو ته پارا چنار ۾ جهڙيءَ ريت رت جون نديون وهايون ويون، اهڙن واقعن سان رياست جي عملداري ختم ٿي ويندي آهي، دهشتگردي جو خاتمو ممڪن آهي،  دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ نئين ايڪشن پلان جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.6 ° C
16.6 °
16.6 °
52 %
1.9kmh
0 %
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون