- Advertisement -
شيخ ڀرڪيو ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته دلمير باءِ پاس تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار جي نجب کوسو طور سڃاڻپ ٿي آهي.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦورو وٽان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڦر، پوليس مقابلن، غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ چوري سميت پوليس کي 14 ڪيسن ۾ گهربل آهي، جڏهن ته فرار ٿي ويل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي……- Advertisement -
