تازه ترين

مسلم ليگ ن اڳوڻي گورنر محمد زبير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳوڻي گورنر محمد زبير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر محمد احمد خان جو چوڻ آهي ته محمد زبير، نواز شريف ۽ قمر جاويد باجوه جي ملاقات بابت غلط ڳالهيون ڪيون آهن، محمد زبير ٻڌائي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات ڪئي وئي، اڳوڻو گورنر تڪراري ڳالهه ڪري مسئلن ۾ ڦاسي سگهي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته نواز شريف ۽ قمر باجوه جي ملاقات بابت سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو بيان بي بنياد آهي، هو رد ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻو آرمي چيف لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪري ڪنهن کي خبر نه پئي. پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته قمر جاويد باجوه سان ملاقات ته ڇا ڳالهه ٻولهه به ناهي ٿي، اڳوڻو گورنر تڪراري ڳالهه ڪري مسئلن ۾ ڦاسي سگهي ٿو. ملڪ محمد احمد خان چيو ته قمر باوجوه لنڊن ويو ته رڪارڊ موجود هوندو، ڪڏهن لينڊ ٿيو، محمد زبير ٻڌائي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
26 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون