- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غلام قادر تنيو جي عدالت ساڍا 9 مڻ چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رفيق بروهي ۽ خليل مڪراڻي کي ڦاهي ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ٽي سال اڳ پوليس ٽرڪ مان ساڍا 9 مڻ چرس هٿ ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري نيو فوجداري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو هو.- Advertisement -
