شڪارپور ويجهو ٻه پورهيت اغوا ٿي ويا آهن، ڌاڙيلن طرفان وارثن کي فون ڪري مغوين جي بازياب لاءِ پنجاهه لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.
لاڙائي پاڙي جا رهواسي 2 پورهيت خادم حسين ڀٽو ۽ واحد بخش ڀٽو سنڌ واهه وٽان مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن.
ڌاڙيلن طرفان مغوين جي وارثن کي فون ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن فون ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو آهي، 50 لک رپيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنهي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن جي اغوا جو اطلاع مليو آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.