شڪارپور پوليس اھلڪار اغوا ٿيل پوليس اهلڪار عبدالفتاح ابڙي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
ايس ايس پي شڪارپور چيو ته مغوي پوليس اھلڪار کي ڳوٺ گھراڻي جتوئي مان آپريشن ڪري بازياب ڪرايو.
رستم جي ڪچي واري علائقي جي ڦوسا آباد چوڪي تان 20 کان وڌيڪ ڌاڙيل پوليس اھلڪار کي سرڪاري ھٿيار سميت اغوا ڪري ويا ھئا.
ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ٻڌايو ته رينجرز ۽ پوليس ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪري پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرايو.
ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته ٽن ڏوھارين گرفتار ڪيل سوناري جتوئي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پوليس اھلڪار کي اغوا ڪيو هو.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس اھلڪار کي راڄوڻي ذريعي بازياب ڪرايو ويو آھي…..