ايس ايس پي شڪارپور خالد ڪورائي چيو ته منشيات جي ڳڙھه چڻگي قبرستان ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران قبرن ۽ ٻين ھنڌن تي لڪايل 60 لک کان وڌيڪ ماليت جو چرس ھٿ ڪيو ويو آھي.
هن چيو ته 11 ٻورا ڀنگ جا به ھٿ ڪيا ويا آھن جڏهن ته وڌيڪ منشيات جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته ڏوھارين جا گھر پٽ ڪري چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي وڌيڪ ڪارروائي جاري آھي.
ايس ايس پي شڪارپور چيو ته چڻگي قبرستان منشيات ۽ ڦر ٿيل سامان جي لڪائڻ جو ڳڙھه ھو ماڻھو خوف ۾ ورتل ھئا، وڏي ڪارروائي ڪئي آھي ڏاڏو شيخ ۽ عطو شيخ جو منشيات ۽ ڦر ڪيل سامان جو اڏو ختم ڪيو آھي.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف چاچڙ چيو ته قديمي ۽ تاريخي چڻگي قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو آھي، غير قانوني طور بجلي تي ھلندڙ نقلي ڀاڻ ٺاھڻ جي فيڪٽري پڻ ھلي رھي ھئي جنھن کي ڊاھي رھيا آھن.
هن چيو ته چڻگي قبرستان ۾ قبرن کي ڊاھي 15 کان وڌيڪ گھر، اوطاقون ۽ سئمنگ پول ٺاھيا ويا جيڪي ختم ڪيا آھن.
ڊي سي شڪارپور الطاف چاچڙ چيو ته چڻگي قبرستان تان مڪمل قبضا ختم ڪرائڻ ۾ ٽي کان چار ڏينھن لڳندا ڪاروايون جاري رھنديون.


