شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن طرفان ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ۽ بگو روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ايس ٽي پي ڪارڪنن ڳوٺ يار محمد بروهي کان احتجاجي ريلي ڪڍي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊس کاتي جي انجنيئر خلاف نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن حيات تونئي، امداد سومري، زاهد مگسي، فاروق سومري ۽ ٻين چيو ته شھدادڪوٽ ۾ ترقياتي ڪمن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي آهي .
هنن چيو ته بگو روڊ سميت ڪيترن روڊن جا ڪم مڪمل ٿي ناهن سگهيا آهن، شهرين کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
ايس ٽي پي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شھدادڪوٽ ۾ ترقياتي ڪمن جي آڙ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي روڊس کاتي جي انجنيئر سميت ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ..