تازه ترين

صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف مظاهرا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِسياسي سماجي ڌرين ۽ صحافي برادري پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.

راڻيپور ۾ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران اڪبر شاھاڻي، قربان منگي، بھاردر کوکر، امير شاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو.

گمبٽ ۾ يونين آف جنرلسٽ  پاران صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حاڪم ڀٽي، صفدر سھتو، اڪبر شاھاڻي، نويد احمد کھڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو.

ڪنب ۾ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران احمد علي رند، ھمت علي تمراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ڍوري ناري ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ۽ شھرين پاران فيض محموداڻي، ڪامريڊ نن لال ميگھواڙ، راشد بابا ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ ٻھ مھينا گذرڻ باوجود پوليس صحافي جان محمد مھر جي اصل قاتلن کي گرفتار نھ ڪري سگھي آھي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ صحافي جان محمد مھر جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون