صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي، 3 جوابدار عدالت ۾ پيش

spot_img
سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي چالان پيش ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن مهلت ڏيندي جوابدارن کي 26 آڪٽوبر تائين جيل اماڻيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران گرفتار ٽن مددگارن بخش علي، منور ۽ بابر مهر کي سخت سڪيورٽي ۾ سينٽرل جيل مان عدالت پهچايو ويو. صحافي جان محمد مهر جو ڀاءُ ڪرم الله مهر ۽ ڪيس جا شاهد به عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو چيو ته عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت پوليس کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو. ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو چيو ته اميد آهي ته قطعي چالان پيش ٿيڻ کانپوءِ 60 کان 90 ڏينهن اندر ڪيس جو فيصلو اچي ويندو. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تي مقرر ڪئي وئي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.3 ° C
10.3 °
10.3 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
11 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون