سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صدارتي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم کان به ووٽ حاصل ڪيا ويندا، متحده سان پيپلزپارٽي جا ماضي ۾ بهتر لاڳاپا رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جي مڪاني نظام بابت ڊمانڊ پنجاب لاءِ ٿي سگهي ٿي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي.
صدارتي چونڊ لاءِ آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان گڏ عدالت پهچي صدر آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
سندس چوڻ هو ته 4 مارچ تي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ اسلام آباد ۾ ٿيندي، سندن مڪاني نظام هن وقت بااختيار آهي، ايم ڪيو ايم جي مڪاني نظام بابت ڊمانڊ پنجاب لاءِ ٿي سگهي ٿي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪابه ڳالهه ٿي آهي ته اها پنجاب بابت هوندي، پنجاب ۾ مڪاني نظام ناهي.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور جي تقرير مان معلوم ٿئي ٿو ته پارٽي جي گائيڊ لائن ڪهڙي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي.