تازه ترين

صدر آصف زرداري پاران عوام کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن جي اپيل

- Advertisement -
صدر  آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته چوماسي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ تي هو عوام جا ٿورا مڃي ٿو، اها مهم هڪ موسمي قدم نه پر ملڪي جي قدرتي حـُـسن ۽ وسيلن جي تحفظ واري قومي فرض جو اهم پاسو آهي. وڻڪاري مهم 2024ع تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداريءَ چيو ته وڻ آب هوا  بهتر بڻائڻ لاءِ اهم آهي، وڌندڙ ماحولياتي مسئلن بعد وڻڪاري جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو رڳو 5 سيڪڙو حصو ٻيلو آهي، ڪاٺ جي وڌندڙ گهرج  سبب ٻيلن تي سخت دٻاءُ آهي، چوماسي وڻڪاري مهم سندن ماحول تي اثر وجهڻ  ۽ نوجوان نسل لاءِ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستبقل محفوظ بڻائڻ جو موقعو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻيلن کي هٿي ڏيڻ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ پهرين ترجيح آهي، اپ اسڪيلڊ گرين پاڪستان پروگرام تحت وڏي پئماني  تي ٻوٽا پوکڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون